اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفا?? نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسي?? پاڪستانين جو اهم ڪردار ??هي?? اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسي?? پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسي?? پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسي?? پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسي?? پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت ??هي?? ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد آ??ن.