اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪور?? کي خاطري ڪرائي آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ايس سانحي ب??بت صورتحال پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سانحي ۾ جي??ي به ذميوار آهن انهن کي بي نقاب ڪنداس??ن. ??ڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي??ڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته گهرو وزارت 24 ڪلاڪن ۾ نواز شريف کي واپس آڻڻ جي لاءِ پاسپورٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي.