اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي سگهه رکن ٿا، ورچوئل يونيورس??ي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آه?? ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا شاگرد آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچوئل يونيورس??ي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورس??ي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌ?? ته في الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 کان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورس??ي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها ورچوئل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.