اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ ا??غا??ستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چ??و ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي ??هم??ت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چ??و ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي ??هم??ت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ا??غا??ستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت ا??غا??ستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ا??غا??ستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه محمود قريشي چ??و ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان ا??غا??ستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چ??و ته ا??غا??ستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي ا??غا??ين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ا??غا??ستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چ??و ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.