اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪس??ن لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ هاڻي ??ها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مه??با??ي ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪس??ن لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.