اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سا??ن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏيندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو وزيراعظم توهان سا?? گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سا?? پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏ?? ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئ?? قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سا?? ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سا?? مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سا?? اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو راندين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سا??ن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين.