ليه – 26 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آه?? ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي ر??يو آهي، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ??ارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري ر??يو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي ر??است هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي ر??است لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي ر??است نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي ر??است دنيا جي پهرين فلاحي ر??است هئي، دنيا ۾ مديني جي ر??است سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.