اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪ?? سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪ?? سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي ??زير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي ??زير ڊاڪٽر عبدالحف??ظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي ??ارو وفاقي ??زير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي ??زير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪ?? سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.