اسلام آ??اد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي ??سيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي ??سيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مق??د هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿ??ن پورو ٿئي.