اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي، افغان مسئلي جو حل افغانين تي ٻڌل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، افغان ان عمل کي ناڪام بڻائيندڙن کان اسان کي هوشيار رهڻو پو??دو?? سموريون افغان ڌريون جنگبندي ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب طالبان پولي??يڪ?? ڪميشن جي وفد ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغان امن ??مل ۾ اڳڀرائي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.