اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. مع??ز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ۾ ان اعزاز سا?? نوازيو ويو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو خاص معاون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرم?? اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.