اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معيشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، اسان اقتصادي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين ملڪن وانگر اسان جو ملڪ ڪووي?? – 19 کان متاثر ٿيو، ڪورونا سان معيشت متاثر ٿي ۽ اه?? غيرمتوقع صورتحال هئي، لاڪ ڊائونز جي صورتحال جو ان کان اڳ ڪنهن کي به تجربو نه هو. عالمي اقتصادي فورم جي انتظام هيٺ ڪووي?? – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم ??مران خان چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي بيماري کان تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا.