اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي بدمعاشن کي مل?? جي تشخص کي بري طرح مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو ويندو، هي اهي ماڻهو آهن جن سياست کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ذاتي مفادن بدران قومي مفادن تي سيا??ت ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو مل?? جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ثبوت اڀي نندن جي شڪل ۾ پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن مل?? کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو وڃ?? ٿو ته ان مل?? جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو وڃ?? ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃ?? ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ذميواريون سنڀاليون ته مل??ي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خا?? ٻاهرئين مل??ن ۾ پنهنجي ساک ۽ دوست مل??ن جي تعاون سان مل?? کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن خدا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃ??ن ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي باوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان اتي ماڻهو ٺيلهن تي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خا?? مل??ي معيشت کي مستحڪم ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري ان کي مثبت ڪيو ويو، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.