اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو ??هرين ڏينهن کان ئي ??و جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي ??ئي ??ري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي ??هي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.