اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ا??شو??نس محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو آهي ته ا??شو??نس ڪمپني صارف کي 45 لک رپيا واپس ڪري، ا??شو??نس پاليسين جي وڪري کان اڳ ايجنٽن جي مفادن جو اظهار يقيني بڻائين، اڳواٽ ڪميشن ۽ مشڪل ا??شو??نس مصنوعات جي ڪري صارفين ۾ غلط فهمي پاليسين جي غلط وڪري جو بنيادي سبب آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان درخواست تي چيو ته ا??شو??نس پاليسين جي غلط وڪري جا واقعا سامهون آيا، ا??شو??نس ڪمپنين سان ايجنٽن جي مفاد جي ٽڪراءُ جو انڪشاف يقيني بڻايو وڃي. انوارالحق (شڪايت ڪندڙ) فيبروري 2017ع ۾ ڪمپني کان 45 لک رپين جي پاليسي خريد ڪئي، شڪايت ڪندڙ 2022ع تائين ساليانو پريميئم باقاعدگي سان ادا ڪيو، 45 لک جمع ڪرايا، اڻوڻندڙ حالتن جي ڪري شهري سمورا فائدا بمع منا??عو جمع ٿيل پريميئم واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي پر رقم واپس نه ڪئي وئي. رقم نه ملڻ تي شڪايت ڪندڙ وفاقي ا??شو??نس محتسب سان رجوع ڪيو. ا??شو??نس محتسب ڪمپني کي شڪايت ڪندڙ کي 43 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪمپني ا??شو??نس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر آڏو درخواست داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪمپني شڪايت ڪندڙ کان 45 لک رپيا وصول ڪيا، ڪمپني شهري جي رقم کي ڪاروبار ۾ لڳايو ۽ ان مان ڪافي منا??عو ڪمايو، ٻين جي ڏڍ تي غيرمنصفاڻي انداز ۾ ڪير به پاڻ کي دولتمند نه ٿو بڻائي سگهي، اهو انصاف جو اصول آهي ته جنهن کي ڪو نقصان نه ٿئي اهو ڪنهن فائدي جو مستحق نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، ڪمپني پاليسي جي موجوده روڪ قيمت رڳو 31 لک جي بنياد تي رقم جي واپسي کان بنا جواز انڪار ڪيو، ڪيترائي ڀيرا ا??شو??نس پاليسين جي سنگين غلط وڪري جا واقعا سامهون آيا، مصنوعات جي ساخت، ايجنٽن جي اڳواٽ ڪميشن تي سنجيدگي سان نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، عام طور تي صارفين کي پاليسي ڇڏڻ تي نقصان کڻڻو پوي ٿو، وڏي ڪميشن کيسي ۾و جهندڙ ايجنٽ کي ورلي ئي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ٿو، ڪجهه وقتن تي پاليسي خريدار شرطن ۽ ضابطن کي چڱي طرح سان سمجهي نه سگهندو هو، ايجنٽ ا??شو??نس – سيونگ پلان جي مُشڪلاتن جي ڪري اهم نقطن جي وضاحت نه ٿو ڪري سگهي، ڪجهه وقتن تي ايجنٽ ڄاڻي واڻي صارفين کي غلط ا??شو??نس پلان خريد ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪن ٿا، ا??شو??نس محتسب جو فرض آهي ته پاليسين جي غلط وڪري تي ڪمپنين کي هدايت ڪري، ڪمپنيون پاليسيون وڪرو ڪرڻ وقت صارف جي سامهون ايجنٽن جا مفاد ظاهر ڪن، صارف کي ٻڌايو وڃي ته ا??شو??نس ايجنٽ کي وصول ٿيندڙ پهرين پريميئم مان ڪيتري ڪميشن ملندي. صدر چيو ته پاليسي خريد ڪرڻ وقت صارف کي معلوم هجڻ گهرجي ته ايجنٽ جو منافعي جو تناسب ڇا آهي، رس??ل الله ﷺ واپارين کي شيءَ وڪرو ڪرڻ وقت منافعي بابت ڪوڙ نه ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي، ا??شو??نس پاليسين جي معاملي ۾ خريداري جي وقت ڪو شفافيت نه آهي. صدر ا??شو??نس محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪ قطر فيملي تڪافل جي درخواست رد ڪري ڇڏي. صدر ا??شو??نس ڪمپني صارف کي 30 ڏينهن جي اندر 45 لک واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي.