اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي ??لوچستان صوبي ۾ ٻه ۽ خيبرپخت??نخ??ا صوبي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي فيبروي تائين مڪمل ڪري فعال ڪيو ويندو، سرحدن جي ذريعي ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جو فيصلو به ڪيو و??و آهي، پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن۾ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪر?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپخت??نخ??ا جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار ليفٽننيٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سميت ٻين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.