اسلام آباد – پهرين ??ون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اسان يورپ ۽ چين ??هڙي لاڪ ڊائون ??ي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون ??اهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ?? 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪورونا وائرس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين ??ي تياري تائين ??سان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موجودگي کانپوءِ فوري طور تي اين ??ي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون ??ين ۽ يورپ کان مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.