اسلام ??با?? – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستا?? منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسن??ي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقي?? کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.