پشاور – 28 ??سم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته قبائلي علائقن جي انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پي??ا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمرا?? خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.