اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخي??و ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ م??صو??ي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان م??صو??ي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زم??ن پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.