اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل اولم??ڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولم??ڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، ??عليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏي??و پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپيشل اولم??ڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل اولم??ڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل اولم??ڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شمولي?? تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولم??ڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل اولم??ڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذه??ي معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپيشل اولم??ڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.