اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شرو??ات ڪئي آ??ي، اهو منصوبو پاڪستان کي ??ني?? جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شرو??ات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شرو??ات ڪئي، اهو منصوبو پاڪستان کي ??ني?? جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دني?? جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آ??ي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي و??و آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آ??ي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.