اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سا?? جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻ?? 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ ??ٺا ثمر کڻي ايندو، نومبر 2024ع ۾ گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هلندڙ سا?? نومبر ۾ 2.9 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون، گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سا?? جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻ?? 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ ??ٺا ثمر کڻي ايندو، الله جي فضل ۽ ڪرم سا?? حڪومت جي معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، مهانگائي جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي ۽ معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو فخر ۽ پاڪستان جا سفير آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سا?? پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.