اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني وف?? سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارلياماني وف?? جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ??لڪ?? ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاطري کي ساراهيو. اسپيڪر ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ سفارتي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ??لڪ?? جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وف??ن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ ??هن. اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ??لڪ?? جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ پارلياماني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دوري کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ??لڪ?? جي واپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وف?? قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.