ڪراچي-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار?? مڪاني ادارن جي نن??ي چونڊن ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪاميابي تي شڪر جو اظهار ڪندي ان کي پارٽي تي عوام جي ڀرپور اعتماد ۽ حمايت ۽ جيالن جي محنتن جو ثمر قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين ننڍ?? مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل سمورن پارٽي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪي?? جن ڏينهن رات محنت ڪري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??. هن چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هليو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جيالا کٽي ويا. هن چيو ته ننڍ?? مڪاني چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ت?? عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي رد ڪري بنا فرق جي عوامي خدمت کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ جي اميدوارن جي وڏي ا??ثر??ت سان فتح به تاريخي اڳڀرائي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي نَون چونڊيل مڪاني نمائندن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کيس يقين آهي ته اوهان عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. چونڊن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪُلهن تي وڏي ذميداري ۽ امتحان کڻي آئي آهي. اوهان کي محدود وسيلن ۽ وڏن مسئلن کي مُنهن ڏيڻو آهي، پر ان جو حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت تي ٻَڌل آهي.