اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پوليو ٻارن کي معذور بڻائڻ جو سبب بڻجي ٿو ان کان بچاءَ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون،پوليو ??يسن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي.گذريل ڏينهن پول??و جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جار?? ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن انهن کي پوليو وائرس کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ پوليو وائرس اڃا باقي آهي ۽ بدقسمتي سان پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ملڪ مان مڪمل طور تي پول??و جي خاتمي لاءِ معاشري جي سڀني ببقن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پول??و جي خاتمي لاءِ پوليو ويڪسين کي گهر گهر پهچائيندڙ فيرنٽ لائن هيلٿ ورڪر کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جڏهن ته ويڪسي نيشن مهمم دوران شهيد ٿيل ورڪز کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. هن وڌيل چيو ته پول??و جي خاتمي لاءِ ميڊيا پاران ادا ڪيل ڪردار پڻ تعريف جوڳو آهي.سردار اياز صادق چيو ته منهنجي والدين کي اپيل آهي ته پنجن سالن تائين پنهنجي ٻارن کي پول??و جا قطرا پيارڻ کي يقيني بڻائڻ .