اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ??ڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي ??مل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ مستقل بين الحڪومتي عالمي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقت??اد?? عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آهي جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تنظيم جي ??مورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقت??اد??، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنهن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تنظيم جي ??ندر ترجيحي شعبن جي ??ڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقت??اد?? ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??جيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وزير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي ??دارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??ي ايڇ جي ??جلاس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وزيراعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وزيراعظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي ??رڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرانيم جي ??نڪر جي ??ه شرڪت جو امڪان آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيراعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي ??يثيت ۽ ڪابينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي ق??من جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي ??ولت مشترڪه ۽ يورپي اقت??اد?? برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.