ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل عرب امار??ت جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گ??يل عرب امار??ت جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل عرب امار??ت جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪيو. وزيراعظم گ??يل عرب امار??ت جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گ??يل عرب امار??ت جي وچ ۾ گ??يل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گ??يل عرب امار??ت جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گ??يل عرب امار??ت جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪ?? ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.