اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يو??رين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ي??ڪرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يو??رين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو??رين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ ي??ريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي روشني وڌي ته يو??رين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يو??رين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يو??رين جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يو??رين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.