اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اس??ام آباد ۾ نيشنل ڪينسر اسپتال ۽ اس??ام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڪينسر اسپتال ۾ اس??ام آباد، راولپنڊي سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي علائقن بشمول گلگت بلتستان ??شم??ر، خيبرپختونخواهه ۽ ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو به ان موذي مرض جي عالمي معيار جي علاج مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اس??ام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اس??ام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان اڪنامڪ زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.