اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ??ند??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ ت?? ڏنا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ??ند??. ان سان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جه??ي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خ??اب پڻ ??ند??.