اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي ??روغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ??و، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اسرندڙ ملڪن جي ??دد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي ??ڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ??يزباني ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ??ند?? ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ??يزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ??ند?? قزاقستان کي تنظيم جي ??يمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي ??يصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي ??اءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ??و. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي ??اءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪي?? پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي ??ڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ??يزباني ??ند??۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي ??ڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ??عاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي ??ذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ??دد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي ??قصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏجي ??دم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ??يا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ا??ب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي ??يمتن ۾ اضافي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.