اسلام آباد- 08 جون (اي ??ي پي) بينظير تعليمي وظيفن ??اري پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 18 لک ٻار هن وقت تائين رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ان ۾ اڃا تائين 6 ڪروڙ 33 لک رپيا ورهايا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران 2 ڪروڙ 34 لک رپيا ورهايا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق هن پروگرام تحت پرائمري ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرن کي ٽه ماهي 1500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 2 هز??ر رپيا، سيڪنڊري سطح تي ڇوڪرن کي 2500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 3 هز??ر رپيا، هاءِ سيڪنڊري سطح جي اسڪولن تي ڇوڪرن کي 3500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 4 هز??ر رپيا في ڪس ڏنا ويا آهن. بينظير ان??ر گريجو??يٽ اسڪالرشپ پراجيڪٽ تحت هڪ لک 2 هزار اسڪالرشپ لاءِ 38 ارب رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي. هي پروگرام 27-2026ع تائين جاري رهندو.