اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ??دا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني پيس ڪيپرز امن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پاڪستاني پيس ڪيپرز ??ڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهيون آهن. هن ??ڏيل قومن جي ڪ??ان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ??رپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني پيس ڪيپرز ??ڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.