اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب ??مارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب ??مارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب ??مارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪت??م سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??مارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ??ندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب ??مارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي ب??در??اهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب ??مارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب ??ماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب ??مارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.