ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري م??ڪن جي چوٿين اجلاس جي م??قعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ا??بڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي م??صوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي م??قعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي م??اسٽا جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ?? ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي.