اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد حوال??ار اظهر اقبال ۽ نائيڪ محمد اسد کي ملڪ جي لاءِ جانين ??ا نذرانا پيش ڪرڻ تي شان??ار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽي??يفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي خاندانن کي پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر حوال??ار اظهر اقبال جي والد ۽ نائيڪ محمد اسد جي ڀاءُ سان ٽي??يفون تي رابطو ڪيو. حوال??ار اظهر اقبال ۽ نائيڪ محمد اسد 20 مارچ تي ڊيره اسماعيل خان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيا هئا. هن شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جانين ??ا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي خاندانن کي پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.