اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان جي ائ??مي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائ??مي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرام?? ائ??مي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ت?? پاڪستان جو ائ??مي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جن??ن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جن??ن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.