اسلام آباد– 20 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار ضمير نفيس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضمير نفيس جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. مرحوم جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سد??ئين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي پٽ س??د فواد ڪاظمي سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.