اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي ??لي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو اهلڪار ملڪ مان ??ن موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي ??ئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ??ن مهم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو جو ??ڪم?? خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، مون سميت سموري قوم جون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.