شرم الشيخ-11 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ??يد نوي?? قمر چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي ماهرن کي پاڻي ذخيرن ک?? ڪٽا جي عمل کان بچائڻ ۽ موجوده زرعي طريقن کي تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن شرم الشيخ ۾ موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان پينل مباحثي کي خطاب ڪندي هن جديد ۽ پائيدار زرعي طريقن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي ٻيهر تعليم ڏيڻ ۽ فنانسنگ ۾ سيڙپڪاريءَ جي اهميت تي روشني وڌي. هن 2010ع جي ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ جي امدادي سرگرمي?? ۽ ??ن بابت سکيل سبقن جي باري ۾ پنهنجي ذاتي تجربن کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان 10 سالن جي خشڪ سالي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ آبادڪاري جي اجازت ڏني جنهن 2022ع جي ٻوڏ کي وڌيڪ تباهه ڪُن بڻيو. هن پينل مباحثي کي علائقي ۾ رليف مهم جي حوالي سان پنهنجن تجرب?? ۽ ??ن تباهه ڪُن جي اثرن جي باري ۾ ٻُڌايو جيڪي هن پاڻ ڏٺا.