ڪراچي – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12500 خاندانن کي راشن بيگس، 1310 خ??ما?? 800 مڇر دانيون ۽ 394 پلاس??ڪ ترپال فراهم ڪيون ويون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪب آباد ۾ 2000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح قمبر شهدادڪوٽ ۾ 4000، شهيد بي??ظير آباد جي 4000، نوشهروفيروز ۾ 1500 ۽ عمرڪوٽ جي 250 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1879095 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرين کي 628786 خ??ما?? 542830 پلاسٽڪ ترپال، 804811 ليٽر منرل واٽر، 182023 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيون شيون فراهم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه بي??ظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي حڪومت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بي??يفشريز کي رقمون منتقل ڪيون آهن. 20 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ بي??ظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 1815116بينيفشريز کي 45 ارب 37 ڪروڙ 79 لک رپيا ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن ۽ ٻو?? جي واقعن ۾ 792 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.