آ??تا??ه – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ بيلاروس گڏيل اقصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آ??تا??ه ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جاري ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر لوڪا شينڪو چيو ته بيلاروس ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ پ??ڪ??تا?? ۾ غيرمعمولي تباهي مچائي ۽ بيلاروس متاثرين جي بحالي جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ بيلاروس جي وچ ۾ تعاون جي سمورن ممڪن شعبن ۾ رابطن کي سگهه ڏئي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ??تا?? بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ان کان اڳ 15 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي. هڪ مه??ني ۾ ٻه ڀيرا قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جي عڪاسي ڪري ٿي.