آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران تو??ان جي مدد تي تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پا??ست??ن اسان جو گهر آهي، پا??ست??ني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پا??ست??ني اسان جي گهر جا ڀاتي آهن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پا??ست??ن ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نه ٿو سگهي، تو??ان جي ڪاميابي تائين پا??ست??ن تو??ان جي حق لا??ِ آواز اٿاريندو رهندو. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسان پا??ست??ن کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پا??ست??نين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهنجي لاڏاڻي تائين پا??ست??ن ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پا??ست??ن ڪئي، پا??ست??ن قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پا??ست??نين سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پا??ست??ن جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ تو??ان شامل آهيو، تو??ان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.