اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خرلاچي افغانستان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ملڪ جي حفاظت جي لاء?? جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن نائيڪ مويز خان جي والد سان ت??زي?? جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي نائيڪ محمد رحمان جي ڀاءُ سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي شهيد محمد رحمان جي ڀاءُ چيو ته هو پاڻ به فوج ۾ آهي ۽ شهادت جي خواهش رکي ٿو. ٻئي صدر عارف علوي سپاهي عرفان جي ڀاءُ سان پڻ ت??زي?? جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گه??ڀاتين جي لاءِ صبر ??ميل جي دعا ڪئي.