اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سا?? ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سا?? هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سا?? گڏ واپس ڪئ?? وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئ?? هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي سا?? ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها ش??رين جي ذميواري آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سا?? ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سا?? بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران بئنڪ برانچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئ?? ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏين??ن جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.