اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح???? شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم مح???? شهباز شريف سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر مح??ود ۽ تنظيم جي ٻين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي مضبوطي جي لا??ِ صحافت ۽ اظهار ??اء?? جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مخلوط حڪومت نه رڳو ميڊيا جي آزادي جي تحفظ تي پڪو يقين رکي ٿي پر ان جي فروغ لا??ِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم ميڊيا تنظيم آهي ۽ ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار ??اء?? جي آزادي جي فروغ لا??ِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو. هن صحافين/ ميڊيا پرسنز ۽ صحافت جي خدمت جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لا??ِ نئين چونڊيل باڊي جي ڪاميابي جي لا??ِ دعا ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.