لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهي??يل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ??ه گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ??ه گذ??يل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، ??مز?? شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ??ه الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ??ه ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو ??هي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چيو ??ه اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ??ه اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير ??مز?? شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ ??مز?? شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.