اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفي?? ميڪيج پسارسڪي ۽ سو??يڊن جي سفير هنرڪ پرسن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يوڪرين لاءِ عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي حوال?? سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان سمورن اتفراتفري وارن علائقن ۾ شهرين کي انساني بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان گذريل مهيني ??نگامي طور تي امداد?? سامان جا ٻه جهاز روانا ڪيا آهن.