اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذ??با??يجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذ??با??يجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خ??ن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذ??با??يجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذ??با??يجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي سارا??يو. هن آذ??با??يجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذ??با??يجان جي ڪوششن کي سارا??يو. آذ??با??يجان جي دفاع واري وزير آذ??با??يجان جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ ??ريڊ ۾ آذ??با??يجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.